چنڙ بشير احمد، ڊاڪٽر

چنڙ بشير احمد، ڊاڪٽر

چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر

چنڙ، بشير احمد، ڊاڪٽر: سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي مائيڪرو بايولاجي شعبي جو سربراهه، پروفيسر بشير احمد چنڙ 1949ع ڌاري ڪنڊياري ڀرسان ڳوٺ سومر چنڙ ۾ حاجي محمد دائود چنڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڪنڊياري مان ڪئي ۽ انٽر سائنس جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان ڏنو. ان کانپوءِ باٽنيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ ليڪچرر طور ڀرتي ٿيو بعد ۾ هن پرڏيهه مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ ترقي ڪري پروفيسر ٿيو، بعد ۾ مائڪرو بائلاجي شعبي کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏنو ويو ته هي ان جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو پروفيسر بشير احمد چنڙ 1998ع ۽ 1999ع دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽل جو پرووسٽ به رهيو. هن 2009ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. جنهن کانپوءِ کيس ايڪسٽينشن ڏئي ساڳئي شعبي ۾ استاد ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس مقرر ڪيو ويو. پروفيسر بشير احمد چنڙ زندگيءَ جا تقريباً 35 سال سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏنا، کيس 2 جنوريءَ 2012ع تي سنڌ يونيورستيءَ ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار ڀرسان نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ سومر چنڙ ضلعي نوشهري فيروز ۾ هزارين آلين اکين سان دفن ڪيو ويو. سندس قتل سبب استادن ۾ گهڻي بيچيني پکڙجي وئي، هڙتالون ۽ مظاهرا ٿيا، يونيورسٽيءَ ۾ وڏو عرصو تعليم جو سلسلو بند رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو انسٽيٽيوٽ آف مائڪرو بايولاجي، سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو